اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان کانپوءِ آزاد چمون ۽ ڪشمير ۾ به بري طرح شڪست ٿي آهي، عام چونڊن وانگر پيپلزپارٽي کي آزاد ڪشمير جي ضمني چونڊن ۾ به ائين ئي شڪست ٿيندي، ماضي گواهه آهي ته بلاول ??نهن جنهن جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتو اهو اميدوار آخري نمبر تي آيو، ان سان وڏو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو هوندو ته بلاول ??وام ۾ بيهي چوي ٿو ته آزاد ڪشمير پيپلزپارٽي جو آهي، وفاق، چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جو خواب ڏسندڙ بلاول ??حمقن جي جنت ۾ رهي ٿو. بلاول ??رداري جي خطاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جون نيون راويتون، نوان طريقا ايجاد ڪندڙ زرداري آهي، جعلي اڪائونٽس ۽ ايا?? علي جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندڙ به اهي ئي آهن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آهي، ڪراچي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي ميسر نه آهي، جيڪڏهن ٿوري برسات پئجي وڃي ته پورو ڪراچي ٻڏي وڃي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪرپشن، روزگار وڪرو ڪندڙ ۽ ڪميشن وٺند?? پارٽي آهي. هن چيو ته بلاول ??احب، توهان کي شايد خبر نه آهي ته مشرف دور ۾ اين آر او ڪنهن ورتو هو. هن چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان سستي گهرن، نوڪرين جي فراهمي، وسيلن جي برابر ورڇ کي يقيني بڻايو آهي. هن چيو تهپارليامينٽ جي اندر مقابلي جون ڳالهيون ڪند?? پارليامينٽ جي اجلاس ۾ به ايندا ڪن.