اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اف??ان??تان ۾ امن، سلامتي ۽ ٺوس سياسي حل اهميت رکندڙ آهي، 40 سالن کان جاري افغان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي ??ائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي، پاڪستان گڏيل قومن کي اف??ان??تان جي لاءِ انساني مشن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ٻولهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي اڳواڻن اف??ان??تان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ خاص طور تي انساني صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو. وزيراعظم عمران خان اف??ان??تان ۾ ٺوس سياسي حل ۽ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اف??ان??تان ۾ 40 سالا تڪرار کي ختم ڪرڻ جو موقعو ضايع نه ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين کي ??ائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ٿي سگهي. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اف??ان??تان سان وڌيڪ ويجها لاڳاپا رکي جنهن ۾ انساني ضرورتن جي حل جي لاءِ اولين ترجيح ۽ معاشي استحڪام يقيني بڻايو وڃي، اهڙن قدمن سان نه رڳو سيڪيورٽي کي سگهه ملندي پر افغان شهرين جو پنهنجي ملڪ مان وڏي پئماني انخلا به رڪجي سگهندو ۽ اف??ان??تان ۾ پناهگيرن جي بحران کي روڪي سگهبو. وزيراعظم افغان عوام کي انتهائي ضروري انساني امداد پهچائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ان حوالي س??ن پاڪستان پاران گڏيل قومن کي انخلا ۽ لڏپلاڻ جي ڪوششن ۾ مدد سميت ڏني ويندڙ سهولتن تي روشني وڌي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ??اڪستان جي مينڊيٽ جي پڄاڻي جي حوالي س??ن آگاهه ڪندي پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي اف??ان??تان جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آپريشن ۾ مڪمل تعاون جي عزم کي ??رجايو.