اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي ??يڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم م??صو??ي جي ??يڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مواصلات واري وزارت ۽ اين ايڇ اي جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم سيالڪوٽ – (سمبڙيال) کاريان موٽروي م??صو??ي جي تختي جي ??قاب ڪشائي ڪئي. 69 ڪلوميٽر تي ٻڌل سيالڪوٽ – کاريان موٽروي م??صو??و پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻن سالن جي ??دي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ – کاريان موٽروي سمبڙيال انٽرچينج کان شروع ٿئي ٿي ۽ سيالڪوٽ ۽ گجرات جي ضلعن ۽ جلالپور جٽان، گجرات، لالا موسيٰ، دولت نگر شهرن جي ??يجهو کان گذري ٿي جنڊ شريف وٽ ختم ٿئي ٿي. ان موٽروي جي ??ڄاڻي کاريان جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 11 ڪلوميٽر 7 قومي شاهراهه (اين 5) کان اٽڪل 9 ڪلوميٽر جي ??اصلي تي ٿئي ٿي. 4 لين جي ان موٽروي تي 5 انٽرچينجز، هڪ سروس ايريا ۽ 2 ٽول پلازا تعمير ڪيا ويندا. ان م??صو??ي جي ??ي سي ون جي ??اڳت 32.103 ارب رپيا آهي ۽ ان کي 2 سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ سان علائقي جي عوام کي جتي سموريون بنيادي سف??ي سهولتون ملنديون اتي انهن کي روزگار جا موقعا پڻ ملندا ۽ اهي خوشحال ٿي ملڪي ترقي تي وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي ??ابل ٿي سگهندا. سيالڪوٽ راندين جي ??صنوعات جي تياري جي حوال?? سان پوري دنيا ۾ شهرت رکندڙ شهر آهي. ڄاڻايل موٽروي جي تعمير سان انهن مصنوعات جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ چرپر ۾ مدد ملندي جنهن سان ملڪ جي ترقي ۾ هڪ ٻئي سنگ ميل جو اضافو ٿيندو.