اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان مستحڪم افغانس??ان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??، اسان خطي ۽ عالمي طاق??ن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ افغانس??ان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آه??، اميد آهي ته پاڪس??ان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ڊگهي عرصي کان افغانين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانس??ان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانس??ان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪس??ان ان معاملي تي گهري نظر ??کي آهي، پاڪس??ان افغانس??ان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آه??، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانس??ان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته افغانس??ان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آه??، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانس??ان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪس??ان مستحڪم افغانس??ان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??، اسان خطي ۽ عالمي طاق??ن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، افغانس??ان ۾ بدامني نه رڳو پاڪس??ان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آه??، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آه??، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪيا آهن، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته افغانس??ان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانس??ان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئ??، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪس??ان ڪوشش ??ري رهيو آهي ته افغانس??ان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪس??ان ۽ افغانس??ان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آه??، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪس??ان ۽ ترڪي افغانس??ان ۾ امن جا خواهشمند آهن، افغانس??ان ۾ حڪومت افغانين کي جوڙڻي آه??، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪس??ان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.