اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبرپخت??نخ??اهه جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط ل??ي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 218 موجب مخالف ڌر اڳواڻ ??ي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي خالي جاين جي لاءِ خط لکيو آهي ۽ پنجاب ۽ خيبرپخت??نخ??اهه ۾ ٽي ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته انهن نالن تي مخالف ڌر جي جواب کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري ٿي سگهندي.