اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي موجوده صورتحال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پک??ڙ کي روڪڻ لاءِ پوري ??وم کي احتياطي تدب??رو?? لازمي اختيار ڪرڻيون پونديو??. ڪ??رونا وائرس جي موجوده صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغا?? ۾ ??در چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري ??ريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 هزار ڪورونا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري ??يندي. صدر چيو ته حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، سڀني تي لازمي آهي ته حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.