اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز هرنائي بلوچستان ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي ف??ئر??گ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي حوصلي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي ج?? شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا.