اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) پارليا??ان?? ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين ش??ريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، انهن ٻنهي معاملن تي پاڪس??ان جي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ مڪمل اتفاق راءِ آهي. ”اي پي پي“ ۽ ريڊيو پاڪس??ان کي ڏنل پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪشمير ۽ جوهري پروگرام تي ڪا به سياسي پارٽي يا اڳواڻ ٺاهه نٿو ڪري سگهي، اهي ٻئي معاملا پاڪس??ان جي تذويراتي پاليسين سان جڙيل آهن ۽ اهي پاڪس??ان جو بنياد ۽ نظريي جي لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪس??ان جي 22 ڪروڙ عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهن ۽ وزيراعظم عمران خان جيڪو ڪشميرين جو سفير آهي ۽ هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو هر فورم تي اٿاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اس??امي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، ترڪي، ايران ۽ ملائيشيا ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.