اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)ملڪ ۾ خميس ڏينهن 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ پولنگ جو عم?? مقرر وقت تي شروع ٿيو جيڪو بنا وقفي جي ??ام 5 وڳي تائين جاري رهيو، سڄي ملڪ ۾ قائم مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن جون ڊگهيون قطارون موجود آهن، وڏي تعداد ۾ عورتون، بزرگ شهري ۽ نوجوان پنهنجي ووٽ جي ??ق کي استعمال ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن تي پهچي رهيا آهن، چونڊ عم?? کي پرامن بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ڏيهي ۽ پرڏيهي مبصر مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري چونڊ عم?? جو مشاهدو ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف، اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي ??ڳواڻ مريم نواز، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، استحڪام پاڪستان پارٽي جي ??ڳواڻ جهانگير ترين ۽ ٻين سياسي شخيصتن پنهنجي پنهنجي ??ڪن تي پولنگ اسٽيشنن تي وڃي پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو. چيف اليڪ??ن ڪمشنر سڪندر سلطانه راجا مرڪزي اليڪشن مانيٽرنگ ڪنٽرول سينٽر ۾ پاڻ اليڪشن عم?? جي نگراني ڪري رهيو آهي. صوبائي اليڪ??ن ڪمشنر مختلف پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري چونڊ عم?? جو پاڻ جائزو وٺي رهيا آهن. 12 ڪرور 79 لک 21 هزار 49 رجسٽرڊ ووٽرز 17 هزار 758 اميدوارن مان قومي ۽ صوبائي اسيم??لي جي 855 تڪن ۾ پنهنجي ??ميدوارن جي چونڊ ڪندا. قومي اسيم??لي جي هڪ ۽ صوبائي اسيم??لي جي ٽن تڪن سميت چئن چونڊ تڪن ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ 14 لک 90 هزار چونڊ عم??و مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2 لک 66 هزار 398 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، هر تڪ جو غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو رٽرننگ آفيسر جي ??فيس مان جاري ڪيو ويندو، اليڪ??ن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي ۽ بنا ڪنهن وقفي جي ??ام 5 وڳي تائين جاري رهندو. اسلام آباد مان قومي اسيم??لي جي 3 سيٽون آهن جن تي 10 لک 83 هزار 29 ووٽرز پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندا. پنجاب مان قومي اسيم??لي جي 114 ۽ صوبائي اسيم??لي جي 296 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 7 ڪروڙ 32 لک 7 هزار 896 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. سنڌ مان قومي اسيم??لي جي 61 ۽ سنڌ اسيم??لي جي 130 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 69 لک 94 هزار 769 ووٽرز پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا. خيبرپختونخوا مان قومي اسيم??لي جي 44 ۽ صوبائي اسيم??لي جي 113 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 2 ڪروڙ 12 لک 63 هزار 408 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. قومي اسيم??لي جي 265 سيٽن لاءِ 5 هزار 113 اميدوار ميدان ۾ آهن جن ۾ 312 عورتون به شامل آهن. چئني صوبائي اسيمبلين ۾ مقا??لي ۾ اميدوارن جو انگ 12 هزار 645 آهي جن ۾ 570 عورتون شامل آهي، بلوچستان مان قومي اسيم??لي جي 16 ۽ صوبائي اسيم??لي جي 51 سيٽن تي پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ 53 لک 71 هزار 947 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، قومي اسيم??لي جي ??يڪ اين اي 8 باجوڙ، پي ڪي 22 باجوڙ، پي ڪي 91 ڪوهاٽ، پنجاب اسيم??لي جي ??ڪ پي پي 266 رحيم يار خان ۾ اميدوارن جي لاڏاڻي سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ 16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 29 هزار 985 کي حساس جڏهن ته 44 هزار 26 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. پنجاب ۾ 5 هزار 624 پولنگ اسٽيشنون حساس ترين قرار ڏنيون ويون آهن، هر پولنگ اسٽيشن تي 5 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ 430 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي جتي هر هڪ پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخو ا ۾ 4265 حساس پولنگ اسٽيشنن مان هر هڪ پولنگ اسٽيشن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.بلوچستان ۾ 1047 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن مان هر هڪ پولنگ اسٽيشنن تي 9 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ميڊيا پاران پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ جاري ڪري سگهجن ٿا، ووٽ اصل قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي ئي ڪاسٽ ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته مدو ختم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊن تي پڻ ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهجي ٿو، اليڪ??ن ڪميشن پاران هلندڙ سال عام چونڊن لاءِ 26 ڪروڙ بيلٽ پيپرز شايع ڪيا ويا آهن. عام چونڊن جي نتيجن جي ??رسيل لاءِ الڪيشن مينيجمينٽ سسٽم (ايم ايم ايس) استعمال ڪيو ويندو، پولنگ اسٽيشن تي امن امان جي ??ورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرزائينڊنگ آفيسرن کي ميجسٽريٽ درجه اول جو درجو ڏنو ويو آهي، حساس ترين پولنگ اسٽيشنن تي پاڪ فوج مقرر آهي، مبصرن ۽ ميڊيا کي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿيڻ جي ??جازت آهي، سڄي ملڪ 144 ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ 859 رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. ڪل هڪ لک 91 هزار 526 پرزائينڊنگ آفيسر ۽ 7 لک 85 هزار 60 اسسٽنٽ پرزائينڊنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن. 5 هزار ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي اي ايم ايس ذريعي نتيجن جي ??وڙجڪ ۽فراهمي لاءِ رٽرننگ آفيسرن سان ڳنڍيو ويو آهي.