اسلام آباد– 10 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر سان ايراني صدر جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي حسن ڪاظمي غومي م??اقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب ملاقات ۾ مملڪ??ي وزير پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم ک?? ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ يڪجهتي جي مضبوط رشن جو بنياد آهن. هن افغانستان کي درپيش ڪيترن ئي ڏکين چئلينجن جو ذڪر ڪندي افغان عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي برادري جي مستقل شموليت جي اهميت ک?? ورجايو. مملڪ??ي وزير افغانستان جو دوست ۽ پاڙيسري هجڻ ناطي ان م??صد جي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي اهم ڪردار جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. ان کان اڳ ايراني خصوصي نمائندي پنهنجي پاڪستاني هم منصب وزيراعظم جي خصوصي معاون محمد صادق سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ ترقي جي گڏيل مضبوط هدفن کي اڳ??ي وڌائڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.