اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪس??ان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سا?? نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحال?? جي نئين دور جي شروعات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪس??ان جي نائب وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف جي قيادت ۾ ازبڪس??ان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخس??ان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪس??ان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪس??ان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان رستن ۽ ريلويز جي ذريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي آڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي انهن منصوبن سا?? نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحال?? جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ازبڪس??ان جي وفد وزيراعظم کي پاڪس??ان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪس??ان جي نائن وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف وزيراعظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي واپاري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ازبڪس??ان جي وفد وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌار?? جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ ازبڪس??ان جي نائب وزيرعاظم جي قيادت ۾ وفد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آهي.