اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد ريا??ت جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پن??نج?? پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ريا??ت جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ريا??ت جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا جاري آهي. ڪشميري عوام پن??نج?? خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي ????ار??ادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي ??اشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي ??ر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي ??اءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي ????ار??ادن موجب حل ضروري آهي.