اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي( منصوبابندي، ترقي، سڌارن ?? خاص قدمن واري وفاقي وزير ۽ اين ايف آر سي سي جي سربراهه پروفيسر احسن اقبال هدايت ??ئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي سياري جي موسم اچي چڪي آهي، اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فرا??مي کي يقيني بڻ??يو وڃي. اها هدايت هن اين ايف آر سي سي ۾ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي عملدارن بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ??ئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جتي موسم سيءُ واري ٿي وئي آهي اتي متاثر ماڻهن لاءِ گرم ڪپڙن ۽ بسترن جي فرا??مي يقيني بڻائي وڃي. هن ٻوڏ سبب متاثر آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي هدايت ??ئي ته جيئن هو پنهنجا فصل ٻيهر تيار ڪري سگهن. وفاقي وزير فصلن جي پوکي لاءِ مشينري جي خريداري لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي جلد لائحه عمل تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزارت کي ان حوالي سان جلد بريفنگ جي هدايت ??ئي وئي آهي.