اسلام آباد / واشنگٽن – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ جي ??رڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي رينڪنگ ميمبر سينيٽر جيمز رش سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير آمريڪي سينيٽ ميمبر سان ٿيندڙ ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين جي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ جي ??تيجي ۾ ملڪ جي ??ئين حصي کان وڌيڪ حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ج??ڪي آسٽريليا جي آبادي کان وڌيڪ آهن. هن 66.1 ملين ڊالر جي آمريڪي امداد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ تمام گهڻي ضرورت آهي ڇو ته شروعاتي ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ??قصانن جي ??شاندهي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير متاثر آبادي کي درپيش چئلينجن جو ??ڻ ذڪر ڪيو جن ۾ صحت جي صورتحال، مليريا، ڊينگي ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ وبائي بيماريون شامل آهن. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان گرين هائوس جي اخراج جي ??اءِ گهٽ کان گهٽ ذميوار ه??ڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي ڪانگريس تاريخي طور تي قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا پاڪستان سان تعاون جاري رکندو. آمريڪي سينيٽر پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي پرڏيهي وزير سان همدردي جو اظهار ڪيو، ٻنهي طرفن پاران پرامن، مستحڪم افغانستان جي ضرورت سميت علائقائي مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سينيٽر جيمز رش کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??ڻ دعوت ڏني.