اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي ??قص??ن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثر??ن کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پي ڊي ايم ا??، اين ڊي ايم ا?? ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر??ن کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثر??ن کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. متاثر??ن کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپ??ل ادارن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.