اسلام آباد – 04 211; ??گسٽ (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڄيو آه?? ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي ڏس ۾ 5 آگسٽ اهو ڪارو ڏينهن آه?? جڏهن ڀارت جي قابض ۽ غاصب حڪومت والاريل ڪشمير جي رياست جي عوام ج?? منشا جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير کي مليل خصوصي حيثيت 370 ۽ 35 اي کي هڪ ناقابل قبول فرمان ذريعي ختم ڪري ڄمون ۽ ڪشمير کي ڀارت جي يونين ٽيريٽري بڻائي ڇڏيو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جيڪي قدم کنيا ۽ جنهن جو اطلاق هن ان کانپوءِ ڪيو اهي بنيادي طور تي ڪشميرين کان انهن جي سڃاڻپ، انهن جي زبان، انهن جي تهذيب، انهن جي رهڻي ڪهڻي کسڻ جو هڪ ڪڌو منصوبو آه??. هن چيو ته رياست ڄمون ۽ڪشمير جي اندر رهندڙ مسلمان، هندو، سک، ٻڌمت ڀ قومون ان سازش کان باخبر ٿي چڪيون آه?? ته ڪهڙي طرح انهن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ئي ملڪ جي اندر ٻئي درجي جو شهري بڻايو آه??. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم مودي هندوتوا جي انتهاپسنداڻي نظريي تي عمل پيرا آه??، ان جي ان قدم سان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آه?? ۽ بدامني کي هوا ملي آه??. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته آئون گڏيل قومن خاص طور تي پي 5 ملڪن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي ان ۾ مداخلت ڪن ۽ ڀارت کي روڪين، شق 370 ڪشميرين جي لاءِ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر 35 اي جيڪو 1927ع جي قانون آئي ايل 84 تحت ڪشميرين کي انهن جي سڃاڻپ ڏني هئي، ان جي بحالي لاءِ ڪشميرين کي ان وقت تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکڻ ??هر??ي جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي قراردادن تحت انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، جنهن تحت ڪشميري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهن.