اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن وزيرا??ظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم چ??و ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چ??و ته ريڪوڊڪ منصوبي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ??ه ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيرا??ظم چ??و ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيرا??ظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيرا??ظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان مان موڪليل امدادي سامان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چ??و ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطي ۽ اعليٰ سط??ي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چ??و ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي پاڪستان جي تعاون کي ساراهيو. وزيرا??ظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چ??و ته ان دوري سان پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.