اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ برطا??يا ڪرڪيٽ سيريز ۾ پاڪستان جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 17 سالن کانپوءِ برطا??يا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي، آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. برٽش ها??ِ ڪميشن ۾ ملڪه برطا??يا جي تاج پوشي جي 75 ??ال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته برطا??يا جي ڪرڪيٽ ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي ۽ آئون توهان کي اڳواٽ ٻڌائي رهيو آهيان ته اسان کٽينداسين. پاڪ برطا??يا لاڳاپن جي استحڪام ۾ برطانوي ها??ِ ڪمشنر جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن پاڪستان ۽ برطا??يا جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا آهن، انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انهن دوستاڻن لاڳاپن کي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪ??ڻ ۾ تعاون ڪنداسين.