اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان ج?? سازشي خط جي تماشي کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪ??ي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو ??هو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين ج?? سازشي ٿيوري دفن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تماشو بند ڪ??يو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جو ??ساب ڏيو.