اسلام آباد – 10 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي اميدوار ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته هو ميڊيا، سول سوسائٽي، وڪيلن، نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان سميت قومي قيادت ۽ سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پاران آئين جي لاءِ بيهڻ تي انهن جا خاص ٿورا ادا ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته آئين جي لاءِ بيهڻ تي پنهنجي قائد نواز شريف، آصف علي زرداري، مولانا فضل الرح??ان?? بلاول ڀٽو زرداري، خالد ??قبول ص??يقي، خالد ??گسي، محسن ??اوڙ، علي وزير، امير حيدر هوتي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ورڪرن سان گڏوگڏ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جا خاص ٿورا مڃان ٿو.