اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي ص??رتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي و??اقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي وا??ي ص??احڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن ??ي ص??رت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني و??ندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي و??ندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي و??ندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي و??ندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.