ڪراچي – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ڏيڻ جي لا??ِ خاص قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، اکين کان محروم ٻار ٽيڪنالاجي ذريعي ٻارن ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهن ٿا، اکين جي نور کان محروم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عالمي اداري ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، تعليمي ادارن ۽ استادن کي اکين کان محروم ٻارن جي تربيت جي ذميواري کڻ??ي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اکين کان محروم شاگردن جي لا??ِ فٽ بال اسٽيڊيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو اسان جي معاشري جو انتهائي اهم حصو آهن، زبان کانسواءِ پڻ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي اسان جا جذبا ۽ احساس هڪ ٻئي تائين پهچائين ٿيون. منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته خصوصي ماڻهن کي وڌ ک??ن وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اسان کي خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لا??ِ پاليسيون جوڙڻيون پونديون ۽ ان حوالي سان هر اسڪول ۾ ٽيچر ٽريننگ جي پڻ ضرورت آهي، اڄ جي جديد دور ۾ دنيا ۾ اهڙا اوزار موجود آهن جن جي ذريعي توهان معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا، سمارٽ فون جي ذريعي ڪتاب توهان جي مطالعي هيٺ اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اکين کان محروم ماڻهو جيڪڏهن ڏسي نه ٿا سگهن پر اهڙا ماڻهو ڀرپور صلاحيتن سان مالامال هوندا آهن. صدر ان ڏس ۾ مثال ڏيندي يچو ته گڏيل قومن ۾ اکين کان محروم پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بريل سان پڙهي بهترين تقرير ڪئي، گذريل سال انهي جي ڀاءُ کي جيڪو هڪ جج آهي صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو هو. پر انهن کي عدالت کان مئجسٽريٽ ۽ جج طور فرض سرانجام ڏيڻ جي لا??ِ فيصلو وٺڻو پيو هو، اها معاشري جي مزاحمت آهي جنهن کي اسان کي ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ذهين ترين خصوصي ماڻهن جي بهترين صلاحيتن جو مشاهدو ڪيو آهي، آمريڪا ۾ نيوڪليئر فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پاڪستاني عاقل سجاد پڻ اکين کان محروم آهي. هن چيو ته هاڻي علم حاصل ڪرڻ جي لا??ِ رڳو بريل جي ضرورت نه آهي پر ان لا??ِ ٽيڪنالاجي جي به ضرورت آهي، جنهن جي بنياد تي اکين کان محروم ڪو به ٻار ٻين ٻارن وانگر متحرڪ ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته اکين کان محروم ماڻهن جو ڪراچي ۾ هڪ خصوصي مرڪز آهي جنهن جو انتظام اکين کان محروم ماڻهو ئي هلائي رهيا آهن، اهڙي قسم جا ڪم ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ جڏهن اکين کان محروم ماڻهن کي نوڪري ڏني وئي ته انهن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ فرض سرانجام ڏنا، ڪيترائي شعبا اهڙا آهن جن ۾ اهي بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا. عالمي طور تي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سروي ڪئي وئي ته انهن ۾ انگ اکرن 14 کان 15 سيڪڙو آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ اٽڪ ۽ نصيرآباد ۾ سروي ڪئي وئي، اتي به اهي ئي انگ اکر آيا آهن. احساس پروگرام تحت پڻ اکين کان محروم ماڻهن جي نشاندهي جي لا??ِ سروي ڪئي ويندي. موجوده حڪومت احساس پروگرام تحت خصوصي ماڻهن جي لا??ِ معاونت سان گڏوگڏ 20 لک ماڻهن جي لا??ِ هڪ فنڊ قائم ڪيو آهي جنهن جي ذريعي انهن کي ماهوار 2 هزار رپيا تاحيات ملندا. رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ رڳو 3 لک هو، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته سمورن خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي ۽ نادرا جي ذريعي انهن جي رجسٽريشن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هڪ سال ۾ رجسٽرڊ خصوصي ماڻهن جو انگ ساڍا چار کان پنج لک تائين پهچي ويو آهي. صدر چيو ته تعليم واري وزارت سان گڏجي خصوصي ماڻهن جي تعليم جو انتظام پڻ ڪيو پيو وڃي. خصوصي ماڻهن جي لا??ِ عمارتن ۾ داخلا جي لا??ِ ريمپ ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سمورين بئنڪن، ڪمرشل مارڪيٽن سميت نئين تعميرات ۾ خصوصي ماڻهن جي لا??ِ ريمپ جي تعمير لا??مي قرار ڏني وئي آهي. معاشري ۾ عورتن جي هر شعبي ۾ شموليت وانگر خصوصي ماڻهن کي پڻ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ هر ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا خصوصي ماڻهن جي اعليٰ تعليم تائين هر قسم جي پهچ جو جائزو وٺندي. اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ خصوصي ماڻهن کان ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ رهائش جا ٻيا خرچ وصول نه ڪيا ويندا. انٽرميڊيئٽ کانپوءِ سمورا صوبا اها سهولت ڏئي رهيا آهن، نوڪرين ۾ خصوصي ماڻهن جي لا??ِ ڪوٽا مقرر آهي ان ??ي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جي حوالي سان هنرمندي جي تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انساني زندگي کي تمام آسان بڻائي ڇڏيو آهي، خصوصي ماڻهو به ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا ۽ اهي عالمي پروگرامن ۾ حصو وٺي مناسب آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ مختلف اهڙيون ايپس به موجود آهن جن مان فائدو کڻي خصوصي ماڻهو معاشري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ٿا. سمورن پاڪستانين جي ذميواري آهي ته ڪو به شخص محرومي جو شڪار نه رهي. هن چيو ته ڪوويڊ، زلزلي، ٻوڏ، لڏپلاڻ سميت ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن پاڪستاني دل کولي مدد ڪن ٿا، اهڙي طرح معاشري جي محروم طبقن کي پڻ گڏ کڻي هلڻ سان صحتمند معاشري کي فروغ ملندو. خصوصي ماڻهن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي انهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا.