اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ?? ناروي جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعمير ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون مثالي نوعيت جو آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي ناروي جي پنهنجي هم منصب اينا ايريڪس سوريڊا سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ?? ناروي جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن?? ناروي ۾ رهندڙ پنج هزار پاڪستانين جو، ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. حڪومت پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهي آهي?? ناروي جون وڏيون ڪمپنيون، اس??ن جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي پاڪستان ?? سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان ?? ناروي جي وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاس جي جلد انعقاد تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي ??زير چيو ته ”ناروي جي پارليامينٽ ۾ پاڪ – ناروي فرينڊشپ گر??پ جو قيام، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ??و. پرڏيهي ??زير نارويجين هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ قيام امن لاءِ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.