اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اپ??ري برادري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪ??روباري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي معاشي پاليسين تي ڪ??روباري برادري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شهباز مجيد شيخ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي معاشي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪ??دار کان آ??اه?? ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آ??اه?? ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪاروباري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي دوران انهن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت مالي مشڪلاتن جي باوجود ??اپ??ري برادري ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي ??اپ??ر ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. هن ملڪ جي معاشي ڪ??رڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپين جي اوڳاڙين جي هدف کان 160 ارب جي وڌيڪ وصولي بهتر ملڪي معيشت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت وڌ کان وڌ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪ??ي ڪ??روبار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري برادري جي ڪ??دار کي پڻ ساراهيو ۽ ان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪ??ائي.