اسلام آب??د – 04 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين جي ملڪي معيشت بابت ڪوڙيون ڳالهيون عوام کي گمراهه نه ٿيون ڪري سگهن، جن کي آءِ ايم ايف جي قرضن جو درد آهي اهي سوئس بئنڪن ۾ پيل پئسو واپس کڻي اچن، ڪالهه جا اتحادي اڄ جا دشمن بڻجي چڪا آهن، ماضي ۾ ??ين آر او وٺندڙ اڄ ٻيهر ??ين آر او جي ڳولا ۾ آهن، ڪنهن کي ??ين آر او نه ملندو، بلاول ٻڌائي ته سنڌ حڪومت هيستائين ڪيتريون ويڪسين جون خوراڪون خريد ڪي??ن آهن، پاڪستان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، سمورا اشارا مثبت اچي رهيا آهن، سمورن چئلينجز جي باوجود اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.