اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ چيو ته نواز شريف جي تقرير نشر ٿيڻ ڏيو، نواز شريف جي تقرير سڌوسنئون نشر ٿيڻ سان هو پاڻ ايڪسپوز ٿي ويو آهي، قوم کي خبر پئجي و??ي آهي ته سندس ڳالهين ۾ ڪيتري منافقت آهي ۽ هو مڪمل صحتمند ڏسڻ ۾ آيو آهي، واضح ٿي ويو ته ٻ??هر وڃڻ جي لاءِ بيماري جي شعبده بازي ڪئي و??ي، وفاقي گادي و??ري شهر جو ماحول نارمل آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي، انهن کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز شريف جي تقرير ۾ ظ??هر هئي. مخالف ڌر پارٽين پاران منعقد ڪيل اي پي سي تي پنهنجي ردعمل ۾ وفاقي و??ير چيو ته وفاقي گادي و??ري شهر جو ماحول نارمل آهي رڳو ڪجهه سياسي اڳواڻ گڏ ٿيا آهن، نواز شريف اڄ جي بيان ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي ڪئي، نواز شريف 2018ع ۾ ڇو ڪڍيو جي مهم ۾ به اهڙيون ڳالهيون ڪري چڪوآهي، نواز شريف کان پڇڻ گهرجي ته قومي ادارن جي خلاف بيانيو ڪير ڏئي رهيو آهي؟ ايف اي ٽي ايف بل جي مخالفت ۽ ادارن جي خلاف مهم نواز شريف جي تقرير ۾ ظ??هر هئي، ان تي بحث ٿيڻ گهرجي ته نواز شريف کي بيانيو ڪنهن جي طرفان ڏنو پيو وڃي.