اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچا??ُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او پيز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذ??يل عيد ۾ ا??س او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ا??ا شرح تمام گهڻي آهي.