اسلام آباد – 28 مارچ (ا?? پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلا??ات ۽ نشريات وارن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏ??ندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي سطح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلا??ات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وزيراعظم رليف پ??ڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي ص??ار?? ۾ اطلا??ات وارن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.