اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪ??مت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر وار?? ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪ??مت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اين?? ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اتحادي حڪ??مت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪ??مت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪ??مت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئ?? ۽ ??ن کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.