اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم ??نيا وڃن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻ??رن جي ڪيسز جو انگ وڌي رهيو آهي جنهن جي لاءِ اڃا وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان پوليو جي خاتمي واري ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾و زيراعظم جو قومي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر انوارالحق، صحت جي عالمي اداري جو ڊپٽي نيشنل ٽيم ليڊر ڊاڪٽر صوغائر ۽ سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن جو سينيئر ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد صفدر شامل هئا. وزيراعظم چي?? ته بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس مون کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جاري پوليو جي خاتمي واري مهم ۽ ان مهم جي لاءِ ڪم ڪندڙ سمورن پوليو جي خاتمي و??رن ورڪرز جي ڏينهن رات محنت کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي حصيد??رن جا ٿورائتا آهيون جن جي حمايت ۽ تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ اهم قدم ??نيا پيا وڃن ۽ پوليو کي پاڪستان مان ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم چي?? ته صحت جي سمورن شعبن بشمول پوليو جي خاتمي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌايو پيو وڃي ته جيئن عوامي صحت ۽ سارسنڀال جي نگراني جي عمل کي جديد رخن تي قائم ڪري سگهجي ۽ بهتر نت??جا حاصل ڪري سگهجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران لاڳاپيل ماڻهن جي پوليو کان وڌيڪ متاثر علائقن جي دورن جو منظم روسٽر جوڙيو وڃي ته جيئن انهن مهمن کي اڃا وڌيڪ لاڀائتو بڻائي سگهجي. وزيراعظم چي?? ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو کان متاثر ٻ??رن جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن جي لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي ڪنهن به طور تي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ممڪن قدم ??نيا وڃن. وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي جي تازي مهم ۽ ان جي نت??جن تي بريفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته مقامي ماڻهن جي مدد سان پوليو جي خاتمي واري تحريڪ کي ڪامياب بڻايو پيو وڃي.