اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي ??عليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي ??عليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي ??نوان سان ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز جا نمائ??دا شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ عورتن جي ??عليم جي ??والي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانفرنس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ عورتن جي ??عليم جي ??هميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن جا نمائ??دا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانفرنس پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانفرنس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليوار??ون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ??يلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائ??دا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪ??دا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪ??ون ويند??ون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ??ريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي ??اهه هموار ٿيندي.