اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيرا??ظم ۽ يو اي اي جي سفير پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ??ئي. سفير نائب وزيرا??ظم کي انساني وسيلن ۾ اضافي سميت ويزا جي عمل کي آسان ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. اهي قدم دير کي گهٽ ڪندا ۽ ويزا جي ڪارروائي کي تيز ڪندا.