اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي نائب گهرو وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الداود ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ سعودي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، پيرا ملٽري فورسز، پوليس وفد?? جي گڏيل مٽاسٽا ۽ گڏيل ٽريننگ جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدي?? جي مٽاسٽا جي معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ٿيو. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ملاقات ۾ سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيد الحمد المالڪي به موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۽ ري??ض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني جنهن تي سعودي وزير اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته ان حوالي سان وڌيڪ ضروري قدم کنيا ويندا. ملاقات دوران پاڪست??ن مان فقيرن کي سعودي عرب موڪليندڙ مافيا جي خاتمي جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير چيو ته 4300 فقيرن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب ويندڙ فقيرن خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته فقير مافيا خلاف سڄي ملڪ ۾ اثرائتو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو پيو وڃي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته سعودي عرب ۾ قيد 419 پاڪستاني?? جي وطن واپسي لاءِ قانوني ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته سعودي عرب اسان جو پاڙيسري ڀاءُ ملڪ آهي. ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته سعودي شهرين لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڪا به ويزا پا??ندي ناهي، اهي جڏهن چاهين اچي سگهن ٿا. گهرو وزير محسن نقوي سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلما?? جي ويزن 2030ع جي پڻ واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب جي قيادت 2030ع تائين معاشي، سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ نماي??ن مقام حاصل ڪندي. ??ن موقعي تي سعودي عرب جي نائب گهرو وزير چيو ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پيرا ملٽري فورسز ۽ پوليس جي گڏيل مٽاسٽا تي ٻڌل سکيا وارن پروگرامن لاءِ تيار آهيون.