اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊيٽا نيٽ ورڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ فائيو جي ۾ ايجادون جٽادار ترقيءَ جهڙن چئلينجن کي مُنهن لاءِ اهم آهن، اسان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌائڻ، جامع، محفوظ ۽ جٽادار ٽيڪينالاجي جي ترقيءَ لاءِ علائقائي تعاون ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي سانوگ 42 ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت جي ڪيترن ئي قدمن ذريعي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪ??م جي شعبي کي مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهيون، اسان اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪس شروع ڪيا آهن ۽ اسان نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن ذريعي 1300 کان وڌيڪ اسٽارٽ اپس کي تعاون فراهم ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان جي ڊجيٽل پاڪستاني پاليسيءَ جو مقصد اي گورننس، سائبر سيڪيورٽي ۽ انٽر پرينيئورشپ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته ٽيليڪام سيڪٽر اسان جي معيشت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. 2025ع جي شروع ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي سان گڏوگڏ فائبرائزيشن پاليسي ۽ اسپيڪٽرم شيئرنگ جهڙيون قومي پاليسيون ترقيءَ کي وڌيڪ هٿي ڏينديون. هن چيو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽيءَ ۾ نمايان اڳڀرائي ڪ??ي آهي، آءِ ٽي يو 2024ع گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، اها اڳڀرائي اسان جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪ??ي ٿي. هن چيو ته اسان جو آءِ ٽي سيڪٽر ترقي ڪ??ي رهيو آهي، روانگي واپار پهريان ئي 3 ارب ڊ??لر?? کان وڌي ويو آهي. هن چيو ته مقامي قدمن جهڙوڪ گوگل طرفان ڪروم بُڪ جي تياري ۽ اسلام آباد جي ماڊل ڊجيٽل سٽي ۾ تبديلي اسان جي جاري آءِ ٽي منظرنامي جو ثبوت آهي، اسان خاص طور تي سائبر سيڪيورٽيءَ ۾ مستقبل لاءِ هڪ هنرمند افرادي قوت کي يقيني بنائڻ لاءِ نوجوانن جي تربيت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جي جامع پاليسين جو مقصد پهچ کي وڌائڻ، سگهه، جدت، مسلسل ترقي ۽ عالمي مقابلي کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان سانوگ جي تجربي مان فائدو کڻندي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ ڀا??يو??ري کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان جي توجهه پاليسي جي ترتيب، صلاحيت جي تعمير، انٽرنيٽ ايڪسچينج، پوائنٽس ۽ نيٽ ورڪ کي بهتر بنائڻ تي آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي آءِ ٽي شعبي جي ترقيءَ لاءِ عال??ي ڀا??يو??ري ۽ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏيون ٿا.