اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپار، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ ز??اع?? جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيشيا جي وزي??اع??م داتوسري انور ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي. صدر ملائيشيا جي وزي??اع??م جي آجيان ڪن??ي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻطرفي تعاون کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وزي??اع??م جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيشيا جي وزي??اع??م داتوسري انور ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وزي??اع??م/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا.