اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ايران ۾ پاڪستاني زائرين سان پيش آيل ح??دثي ۾ ٿيل جاني نقصان ??ي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان ??اري ڪيل بيان موجب چيئرمين سينيٽ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ??عزيت ڪندي چيو ته حادثي جو ٻڌي دلي ڏک ٿيو آهي. ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان متاثر خاندانن سان گڏ آهيون، ان مو??عي تي هن حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت، ڏکويل ڪٽبن جي صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي.