اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??لعي ڪرم ?? خوارج دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ??وارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. صدر فتنه خوارج جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ??اري رکڻ جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.