اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ والاريل ڄمون ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ??ين??ن آهي، ڀارت 2019ع ۾ ان ??ين??ن تي غيرقانوني ۽ هڪ طرفو قدم کڻي ڪشمير جي حيثيت ??ي تبديل ڪيو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. 5 آگسٽ تي دنيا آڏو نه رڳو ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ??يو، پر ڪشميرين تي ختم نه ٿيندڙ ظلم پڻ سڀني آڏو واضح ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کان خاص حيثيت ??سي انسانيت خلاف ڏوهه ۽ ڪشميري قوم جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري نوجوانن کي روزانو جعلي مقابلن ۽ هٿ ٺوڪين سرچ آپريشنن ۾ عدالت کان مٿانهان قدم کڻي کين شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪشميري قيادت قيد ۾ آهي، هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ڀارت جا سمورا ظلم ان باوجود به ڪشميرين جي آزادي واري جذبي کي گهٽائي نه سگهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جو بحران عالم?? برادري جي بي حسي جو نوحو آهي، عالم?? برادري کي ڪشميري عوام جي آواز تي جاڳڻو پوندو، انشالله ڪشميري ڀائر ۽ ڀينرون آزادي جو سج ضرور ڏسندا. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان هر محاذ تي گڏ ب??ٺل آهي ۽ هر فورم تي سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي امداد جاري رکندي.