بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ??ائ??ا ٿري گارجز ڪارپوريشن (سي ٽي جي) جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ ??ائ??ا ٿري گارجز انٽرنيشنل ??ميٽيڊ (سي ٽي جي آءِ) جي چي??رم??ن وو شينگ ليانگ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا تي روشني وڌي ۽ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري خاص طور تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ قابل تجديد توا??ائ?? جي شعبن ۾ موقعن جو هڪ جائزو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪروٽ ۽ جهمپير سمي?? پاڪستان ۾ ??ائ??ا ٿري گارجز ڪارپوريشن جي قابل تجديد توا??ائ?? جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته قابل تجديد توا??ائ?? پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي ترجيحي شعبن ۾ شامل آهي. نائب صدر ??ائ??ا ٿري گارجز ڪارپوريشن پاڪستان سان ٿري گارجز ڪارپوريشن جي مسلسل وابستگي جو ورجاءُ ڪيو ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوهالا ۽ محل هائيڊرو پاور پراجيڪٽس جهڙن جاري منصوبن جي تڪميل ۾ تيزي آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.