اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياسي پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي ??يصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني قرار ڏني ويندڙ ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي ??يادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي ??ڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي ??ڪروهه ارادن جي عڪاسي ??ن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.