اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ قو??ي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سياسي ورڇ ۽ معاشي مشڪلاتن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن مسئلن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪندي. اليڪشن ڪميشن جي ڪوريج ڪندڙ صحافين سان مانجهاند?? جي موقعي تي غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگرد?? جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن جي حل لاءِ اهل قيادت جي چونڊ ضروري آهي، اميد آهي 8 فيبرور?? جي چونڊن کانپوءِ جيڪا به چونڊيل حڪومت ايندي اها ملڪ ۽ ع??ام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين تحت ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليول پليئنگ فيل?? جي شڪايت هر هڪ کي آهي، مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ۽ پيپلزپارٽي کي پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جون شڪايتون آهن، جي يو آءِ سميت ڪيتريون ئي ٻيون پارٽيون به ليول پليئنگ فيل?? جي گلا ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.