اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان قطر سان واپار ۽ سيڙپڪاري ??ميت سم??رن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خ??اهشمند آهي، قطر پاران غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، عالمي برادري ??اص طور تي مسلمان امت فلسطين ۾ امن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان ۾ قطر جي سفير مبارڪ علي ع??سيٰ الخاطر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري ??ميت سم??رن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خ??اهشمند آهي. نگران وزيراعظم قطر جي امير جي لاءِ مبارڪباد وارو پيغام ڏنو. نار خطي جي اهميت تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل قطر سميت نار ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ معيشت جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راغب ڪرڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري ??هي آهي. هن قطري ??فير کي چيو ته هو سيا??ت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون جا امڪان ڳولي. نگران وزيراعظم غزه ۾ عارضي جنگبندي جي لاءِ سفارتي ڪوششن ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ??اص طور تي مسلمان امت پاران گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته سندس مقرري ??وران ٻئي ملڪ دوستي جي رشتي ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.