اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته آءِ ٽي جو شعبو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿا??ٽي جي بورڊ آف گورنرز جي پنجين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سڄي دنيا مان آءِ ٽي ماهرن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ضروري پاليسيون ٺاهيون وڃن. هن چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان ??ثبت اڳڀرائي پڻ ٿي آهي. اجلاس اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿا??ٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي فيصلن ج?? توثيق ڪئي جڏهن ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿا??ٽي جي بورڊ آف گورنرز جي بجيٽ ۽ فنانس، آڊٽ ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽين ج?? نئين سر جوڙجڪ جي منظوري پڻ ڏني وئي. اجلاس اٿا??ٽي جي لائيسنسنگ فريم ورڪ، اٿا??ٽي پروسيجرز ۽ فيس ريگيوليشنز جي مسودن ??ي ٽيڪنيڪل ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿا??ٽي جي حوالي سان ??ختلف معاملا بحث هيٺ آ??ا. اجلاس ۾ ڪابينا جي ناڻي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارن وفاقي سيڪريٽريز، چئني صوبن ج?? چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي.