اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ قز??خستان جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته رياستي ميڊيا ٻنهي طرفن ڄاڻ تائين پهچ جو اهم ذريعو آهي، پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ قز??خستان جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ عل??ئقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قز??خستان ۾ ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا ادارن جون آفيسون قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قز??خستان سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ رياستي ميڊيا ادارن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ٻنهي طرفن اطلاعات تائين پهچ جو اهم ذريعو آهن. ملاقات ۾ پاڪستان جي اطلاعات واري وزارت ۽ قز??خستان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ قز??خستان جي اطلاعات وارن وزيرن جي وچ ۾ زوم ذريعي ميٽنگ ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ نيشنل ڪمپني قز??خ انفارميشن ايجنسي جي وچ ۾ 2018ع ۾ ميڊيا تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. هن چيو ته لاهور مان هڪ ٽيم فلم شوٽنگ جي لاءِ قز??خستان رواني ٿي رهي آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ طرف اهم قدم آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جو اهم ميمبر آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جو ايندڙ اجلاس قز??خستان ۾ ٿي رهيو آهي، ايس سي او عل??ئقائي ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو هڪ متحرڪ پليٽ فارم آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرن سان گهرا، تاريخي ۽ ثقافتي رابطا قائم رکيا آهن، اسان جا مفاد ۽ مقصد وسيع پئماني تي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. قز??خستان جي سفير پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ قز??خستان جي اطلاعات ۽ سماجي ترقي واري وزارت جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير کي قز??خستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن چيو ته قز??خستان جو صدر پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، قز??خستان جو صدر ايندڙ سال پاڪستان جو دورو ڪندو، سندس اهو دورو واپاري لحاظ کان اهميت رکندڙ هوندو جنهن سان ٻطرفي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي رياستي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا. قز??خستان جي سفير چيو ته وچ اوڀر کي گرم پاڻين تائين پهچ جي لاءِ پاڪستان اهم ملڪ آهي جڏهن ته پاڪستان جو شهر سيالڪوٽ فٽبال ۽ سرجيڪل اوزارن جي تياري ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌيڪ وڌائڻ سميت ويجهي معاشي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو.