اسلام آ??اد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ ز??ين تان جيستائين دهشتگردي جو ناسور ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف ??سان جي جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين دهشتگردي جو ناسور پاڪ ز??ين تان ختم نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف ??سان جي جنگ جاري رهندي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين جي ڪري ئي اسان دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪندا آيا آهيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي زخ??ين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.