اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپار ۽ صنعت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائ?? جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستا?? جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپار ۽ صنعت واري وزير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وزير، مواصلات ۽ ريلويز واري وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستا?? جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وزير دوري دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگران پرڏيهي وزير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انض??ام جي لاءِ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگران پرڏيهي وزير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاو?? جي لاءِ پاڪستا?? جي راضپي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستا?? جي وچ ۾ مسئل?? جي حل لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.