اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گهرو معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات وا??ي وزارت اچڻ تي اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير گهرو معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير سرفراز بگٽي جي آجيان ڪئي. ٻنهي نگران وزير?? تازن بم ڌماڪن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪابه جڳهه نه آهي. ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان نگران حڪومت جي اليڪشن ڪميشن سان مدد بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. نگران وفاقي وزيرن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي آئيني ذميواري ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. ان موقعي تي اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جو فرض ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبدراڻيون چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي.