اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سولنگي چيو آهي ??ه اوگرا واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ب??بت اعلان ڪري ٿو، هو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ب??بت قياس آرائين جو حصو نه آهي، اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کا?? اڳ مون کا?? پڇيل سوال ۽ ان جو جواب ٻڌڻ گهرجي. صحافي خليق ڪياني جي هڪ خبر جو حوالو ڏيندي مر??ضيٰ سولنگي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ت?? هو آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي کي ساراهي ٿو ت?? هن هر هڪ کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ب??بت قياس آرائين کا?? پاسو ڪرڻ جو چيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ت?? هو انهن قياس آرائين جو حصو نه آهي، هڪ پريس ڪانفرنس دوران کا??ئس پڇيو ويو ت?? پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي مون واضح طور تي چيو ت?? پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو بنيادي طور تي تعين عالمي مارڪيٽ جي قيمتن ۽ ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح سان ٿئي ٿو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير واضح ڪيو ت?? اهو ٻڌائڻ کا??سواءِ ??ه امڪان ويجهو آهي يا نه، مون انهي ڏينهن هڪ شايع ٿيندڙ رپورٽ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. مر??ضيٰ سولنگي چيو ت?? اهو اوگرا جو اختيار آهي ۽ اوگرا ئي واحد ادارو آهي جيڪو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ب??بت اعلان ڪري ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ت?? هن ان ڳالهه جو ڪو اشارو ناهي ڏنو جيئن ته هڪ قومي انگريزي اخبار ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ت?? اخبار ۽ صحافي خليق ڪياني ٻنهي کي ان حوالي سان ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ کا?? اڳ مون کا?? پڇيل سوال ۽ ان جو مڪمل جواب ٻڌڻ گهرجي، اهو ان جي لاءِ مددگار ث??بت ٿيندو.