نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ??وپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ??وپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ماحولياتي تبديلي جي لا??ِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لا??ِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي لا??ِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي ??ريڊ تائين محدود رکڻ جي هد?? جي لا??ِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حوالي سان ??يل واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي ا??رن جي ڪري آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي ا??رن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي عملدرآمد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي جي لا??ِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا.