اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپي??ل اولمپڪس ۾ ميڊلز کٽڻ تي پا??ستان اسپي??ل اولمپڪس جي پوري ٽيم ۽ انتظاميا کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ راندين ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪرڻ جو موقعو ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برلن اسپي??ل اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ پا??ستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم جي ميمبرن سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر ۽ خاتون اول بيگم ثمينه علوي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ نالو روشن ڪرڻ تي پا??ستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي مثبت سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شموليت و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پا??ستان ۾ هڪ ٺوس ۽ شموليت تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ جا خواهشمند آهيون. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن موجب نوڪريون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پوري ٽيم اسپي??ل اولمپڪس راندين جي ميدان ۾ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، پا??ستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم جو 11 راندين جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ فخر جوڳو آهي، خوشي ٿي ته ذهني معذوري جي شڪار ماڻهن به راندين ۾ حصو ورتو. صدر چيو ته پا??ستان جي اسپي??ل اولمپڪس ٽيم ميڊلز کٽي پا??ستان جو نالو روشن ڪيو.